حيات النبي ؐ

حيات النبي ؐ

حيات النبي ؐ

حيات النبي ؐ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب، سنڌ جي نامياري عالم، اديب، حڪيم، صحافي ۽ محب وطن سياستدان حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جو رسول اڪرم حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي زندگي مبارڪه ۽ سيرت بابت تصنيف ڪيل آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ 1914ع ۾ لکي ڇپايو. جنهن جو ٻيو ڇاپو، جامعه اسلاميه و يتيم خانه حاجي عبدالله هارون، ڪراچيءَ 1926ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جو ٽيون ڇاپو، سنڌي ادبي بورڊ، 1953ع ۾ ڇپايو، جنهن جو پيش لفظ، حڪيم صاحب جي فرزند ۽ ڪراچيءَ جي اڳوڻي ميئر حڪيم محمد احسن لکيو هو. ان کان پوءِ هن ڪتاب جا ٻه ايڊيشن 1994ع ۽ جولاءِ 2004ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا. هيءُ ڪتاب سولي ۽ سادي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي. 2004ع جي ڇاپي ۾ 206 صفحا آهن. ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 60 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو